سيلاب زندگيءَ جو

سيلاب زندگيءَ جو

سيلاب زندگيءَ جو

سيلاب زندگيءَ جو (ڪتاب): هي ناول، برک ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ جو لکيل آهي. هن ناول ۾ ليکڪا، هڪ عورت جي مڪمل جيون جو نقشو پيش ڪيو آهي، ان سـان گـڏ سـنڌين جـي سنڌ ۾، ۽ سـنڌ ڇـڏڻ بعد هند ۾ جيوت چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ناول جا هند ۾ ٽي ڇاپا 1981ع، 1982ع ۽ 1996ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا، جڏهن ته سنڌ ۾ سُڳنڌ پبليڪيشن، لاڙڪاڻي ان جو هڪ ڇاپو 1982ع ۾، ڪرائون سائيز ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت اٺ روپيا هئي، 1996ع ۾ هن ناول جو شايع ٿيل ڇاپو ڪونج پبليڪيشن ممبئيءَ پاران شايع ٿيل آهي.
ڪرائون سائيز جي 136 صفحن تي مشتمل ايڊيشن جي قيمت 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو